ساميءَ تي هڪ نئين نظر

ساميءَ تي هڪ نئين نظر

ساميءَ تي هڪ نئين نظر

ساميءَ تي هڪ نئين نظر (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب تاج جويي جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن جو مهاڳ به مرتب خود لکيو آهي، جنهن ۾ ساميءَ جي شاعريءَ ۽ ساميءَ بابت ٿيل تحقيقي ڪم جي ڄاڻ ڏيندي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ته سامي، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ٽمورتيءَ جو اهم رڪن هوندي به، کيس هندو هئڻ ڪري وڏيءَ حد تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ مهاڳ سميت 19 تحقيقي مقالا ۽ مضمون آهن، جن جا ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو، اي.جي.اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، تنوير عباسي، ڄيٺمل پرسرام، کيئلداس فاني، ڪلياڻ آڏواڻي، هري دلگير، ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻي، ممتاز پٺاڻ، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، قريشي حامد علي خاناڻي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، آسانند مامتوراءِ، رحيم بخش ميمڻ، ڪرشن راهي، انيس انصاري ۽ ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب فيبروري 2002ع ۾ پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو